Monday 9 June 2014

ڪارا سون ڪراين ۾ (نوراحمد جهنجهي)

الله تعالى انسان کي پنهنجو خليفو خلقيندي، علم جي وٿُ عطا ڪئي جنهن وسيلي هُو ڪائنات کي بهتر بنائڻ، خُوبصورت ڪرڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ نت نوان گهاٽ گهڙي ٿو ، حڪمت عمليون جوڙي ٿو ۽ اُنهن حڪمت عملين وسيلي پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو. انسان پنهنجي اُن ورثي کي مختلف روپن ۾ هڪ کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪندو رهيو آهي. سائنسي علم، فنونِ لطيفه، فني مهارتڪاري، فن وغيره اِن جو چٽو چائو مثال آهن. فن ۽ ادب جي تاريخ تي جڏهن طائرانه نظر وجھبي  ته  نظر ايندو  ته اُن ۾ قصو ۽ ڪهاڻي، ادب ۽ فن جو اُهو گھاڙيٽو آهن جن وسيلي نه رڳو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن پنهنجي من جي مام بيان ڪئي آهي پر عام ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو به قصن ۽ ڪهاڻين کي ڍال بڻائي زندگيءَ جي چومکي لڙائي لڙندو رهيو آهي، پير پٿون ٿيڻ ۽ لڱ لڦون ٿيڻ کانپو ءِ به هو هيمنگوي Old man ۽ ڀٽائي جي مورڙي وانگر همت نٿو هاري. ا ِهڙا سڀئي قصا انساني ذهن جي تهذيبڪاريءَ جي آبياري ڪندا رهيا آهن  ۽ اُنهن قصن اسان جي پابند فن، ادب ۽ سائنس تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي، سائنسي ايجادن ۽ حاصلاتن ۾ ڪيئي نوان خيال اُن نڪور خيال مان مليا آهن، ڪيترين ئي ٻولين جي شهڪاري ۽ شاهوڪاري اڄ به  اهڙين ديومالائي ڏند ڪٿائن جي مرهون منت آهن
اسان جي سونهاري سنڌي ادب ۾ به اهڙو ورثو بدرجه اُتم موجود آهي جنهن ۾ تاريخي، نيم تاريخي ۽ ڏند ڪٿائي آکاڻين کي بُنياد بڻائيندي، خيال جي خزاني کي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سڀني ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن اِن ڏس ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ پيار جو پورهيو ڪيو آهي، جنهن ماڻهن جي روح جي رڻ پٽ کي متاثر ڪيو آهي  ۽ ماڻهن  اِهو سرمايو سينن ۾ پڻ سانڍي رکيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اهڙن شاعرن جي سٿ ۾ نيارو ۽ نڪور آهي جنهن قصن ۽ ڪهاڻين کي بيان ڪندي، اُنهن قصن ۽ ڪهاڻين مان صرف پيش ڪرڻ جوڳو حصو کنيو آهي ۽ سڄي تفصيل تي رت کپائڻ کان پاسو ڪيو آهي، اِهڙيءَ ريت شاه ۽ ٻين شاعرن جي وچ ۾ “ڪبير پاران مکڻ کائي وڃڻ” ۽ “سنسار کي حصي ۾ جھڻ ملڻ” سو سيڪڙو صحيح لڳي ٿو.
شاهه سائين مختلف عنوانن/نالن هيٺ سُرن وسيلي پنهنجي اظهار کي ظاهر ڪيو آهي جيئن؛ مارئي، سسئي، راڻو، سورٺ، ليلان، رپ ۽ سهڻي. هِنن ستن ئي سُرن ۾ صرف “راڻو” مرد جي نالي سان سُر آهي باقي ڇهه سُر عورت جي نالي پُٺيان آهن. اِها ٻي ڳالهه آهي ته ڳالهايل ٻوليءَ جي اُصولن پٽاندر ماڻهن اِنهن عنوانن ۾ تبديليون ڪيون آهن ۽ عام طور انهن نالن کي هِن طرح  چيو ۽ اُچاريو ويندو آهي؛ عمرمارئي، سسئي پنهون، راڻو مومل، سورٺ راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر، سهڻي ميهارـــــ پر رِپَ سان گڏ بروئي جو نالو نٿو ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته اُها ڪهاڻي هڪ ننڍي حصي تائين محدود آهي ۽ اُها ڪهاڻي ذڪر ڪيل باقي ڪهاڻين وانگر سڄيءَ سنڌ ۾ معروف نه بڻجي سگھي آهي تنهنڪري اڃان  تائين نالي جي اصليت برقرار آهي.
انهن سڀني سُرن ۾ مارئي جو دائرو ۽ سماجي ڪارج مٿاهون آهي ڇاڪاڻ ته باقي سڀئي ڪهاڻيون فرد جي فرد سان عشق ۽ پيار جي پيچ تي آڌارڪ آهي جيتوڻيڪ اُنهن ۾ سماج جا سڀئي پهلو بحث هيٺ آيا آهن ۽ انساني قدرن جي ڳُڻ ڳوت ڪئي ويئي آهي پر سُر مارئيءَ ۾ فرد جو هڪڙي مجموعي ۽ اُن مجموعي جي عبارت Context يعني وطن سان عشق آهي. اُنهيءَ عشق جو اڻ ٽُٽ    رشتو هر آزمائش ۽ مشڪلات ۾ مضبوط رهي ٿو ۽ بنديخاني جون ڪٺنايون ۽ ڪوٽ ڪڙا به اُن کي لوڏي نه سگھيا ۽ اُن نيئر مارئي جي نينهن کي ويتر اُجاري اڇو ڪيو آهي؛
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،
واجھائي وصال کي ٿيس تهوارون  تيئين،
نيئر منهنجو نينهن، اُجاري اڇو ڪيو
مارئي جي قصي کي 600 سالن کان وڌيڪ عرصو گُذري چُڪو آهي. دنيا تمام گھڻي اڳتي وڌي چڪي آهي، ڪاٺن جي ڦرهين تي لکڻ پڙهڻ وارو زمانو ويو هِن وقت جديد اليڪٽراني اوزارن وسيلي ماڻهو من جي مام هڪٻئي تائين پهچائي رهيا آهن، پر پوءِ به هِن Commercialism  جي ڇتي دور ۾ به سُر مارئيءَ جي سماجي ڪارج جي اهميت اوترو ئي اهم آهي جيترو اڳ هئي. ملير، ويڙهه، وطن، جبر ۽ ڪوٽ ڪڙن جي استعاري ۾ اڄ به ڪو فرق نه آيو آهي ــ مارئي جي سُر ۾ ملير سان محبت ۽ عمر جي ڪوٽ کان نفرت اوترو ئي آهي جيترو اڳ اُن وقت هئي جڏهن مغلن پاران سنڌ تي مقرر ڪيل ايڪويهين گورنر ابونصرت جي ڏينهن ۾، شاه سائين هِن سُر کي پنهنجي رُوپ ونت ڪلا جي ڪتاب ۾ قلمبند ڪري رهيو هو. سنڌ تي اُن کانپوءِ به 20 گورنر مقرر ٿيا. اِهڙي طرح سنڌ جي سورن جي تسلسل جي اِها تاريخ ڀڳي هڏ جيان اڄ به هر حساس هانو ۾ هُري رهي آهي.
مارئي جي قصي جو جائزو وٺندي اسان جي محققن، اديبن انتهائي تعصب کان ڪم وٺندي ايئن ٽنگ ڇڪ ڪئي آهي جيئن اڄ اسان جا سياستدان اقتدار جي ڪرسيءَ جون ٽنگون پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن. ڪن ليکڪن جو خيال آهي ته مارئيءَ کي نسل جي بنياد تي پرکيو وڃي ته مارئي فلاڻي ذات جي هئي يا فلاڻي ذات جي هئي ـــ ٻيا حضرت وري ان هَٺَ جي گھوڙي کي بحر ظلمات ۾ ڊوڙائيندا رهيا آهن ته مارئيءَ کي مذهب جي تناظر ۾ ڏٺو ۽ پرکيو وڃي. ڪي سڳورا سڄڻ مارئي جهڙي عظيم ڪردار کي علائقي جي اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن اُنهن سڀني محترم ليکڪن، دانشورن ۽ اديبن پنهنجي حمايت ۽ مخالف کي رد ڪرڻ لاءِ قرآن شريف کان وٺي زباني ڪٿائن تائين ڪيئي دليل ڏيئي نور ۽ بشر جي فيصلي طئه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ــ پر موجوده وقت، بدليل عصري ادبي، سياسي ثقافتي  ۽ عملي تقاضائن جي تقاضا آهي ته مارئيءَ کي اُن جي ڪردار جي پٽاندر ڏٺو وڃي هُن جو جيڪو مجموعي رويو آهي ۽ اڏولتا جو اظهار آهي اُهو ئي اهميت لائق آهي ۽ اُن کي اڃا به اڳتي تفصيل سان ڏسجي ته مارئي جو سمورو پيغام اِهو ٻڌائي ٿو ته هيڻن ۽ هوڏي طبقن جي وچ ۾جنگ ازل کان جاري آهي. هيڻن طبقن کي وقتي تڪليفون ۽ پيڙائون ڀوڳڻيون پيون آهن، هوڏي طبقا وقتي طور سرسي ماڻيندا نظر اچن ٿا، پر فتح هيڻن طبقن جي ٿيڻي آهي ڇاڪاڻ ته اُهي حق ۽ سچ تي آهن ۽ هوڏي طبقن کي تاريخ جي بابن ۽ لوڪ جي سينن ۾ رسوائي ۽ ذلالت نصيب ٿيڻي آهي. طبقن جي اِها ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي.
مارئيءَ جو ڪردار اڄ به اسان کي محبت ڪرڻ جو جيڪو اُتم ۽ آفاقي پيغام ڏئي ٿو تنهن ۾ اِهو ڏڍ ملي ٿو ته پنهنجو وطن جهڙو به هُجي، بکيو هُجي، ڏُکيو هُجي، سائو هُجي، ڍائو هُجي، اُن سان محبت هجڻ گھرجي ۽ مارئي پنهنجي ٿريچائي هُجڻ کي فخر سان هِن ريت بيان ڪري ٿي:
ننگا آهيون نڱيا، اسين مارو لوڪ
ٿر کي ڀانيون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيئڙن جو
وطن سان اِنسان جي  اِها وابستگي ازلي آهي ، جنهن خمير مان هُو جوڙيو ويو آهي، سو خمير ئي سندس ضمير جي ڪعبي قبلي کي دُرست رکڻ جي صلاح ڏئي ٿو، وطن وسارڻ جي واٽ کان روڪي ٿو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن لوءِ وسري ويئي ته پوءِ انساني جيون جاڙ آهي جنهن جي ٺڪريءَ تي پاڙ آهي. تنهنڪري پاڙون ڌرتيءَ ۾ هئڻ گھرجن.
وطن جي اِها سڪ، اُنهن وطن واسين لاءِ به اوترو ئي سگھاري هئڻ  گهرجي جيتري وطن سان، ڇاڪاڻ ته مارئي ۽ مارن وچ ۾ فااذڪروني اذڪرڪم جي شاهدي ۽ ثابتيءَ وارو سٻنڌ آهي ۽ مارئي پنهنجي بُکَ هاڻي ۽ ڏُکَن ڏاريل ملير کي به سڀڪجھه سمجھندي “واشڪرولي” جي واديءَ جو سير ڪندي عمر جي ماڙين، محلاتن هنڌ وڇاڻن کي هيچ سمجھندي “ولاتڪفرون” جي تحت الثرى ۾ ڪرڻ کان بچي وڃي ٿي. اِهو اٽوٽ ٻنڌڻ، پرت جو پينگھي ۾ پيل پيچ آهي جنهن وچن واعدي مطابق مارئيءَ جي مارن سان محبت ازلي آهي
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالوبلى قلب سين تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سان
تنهنڪري مارئي اُن ازلي ٻنڌڻ جي تقدس جو ڀرم رکندي ڪو به اِهڙو قدم نٿي کڻي، جيڪو سندس طبقي کي مهڻي هاب ڪري ۽ مارئي جا مارو  طعني هيٺ اچي وڃن ۽ ڪٿي ڪنڌ کڻي هلڻ جھڙا به نه رهن:
جي لوڻ لڱين لائيين، چيري چيري چم
مون ڪُر اڳي نه ڪيو، اِهو ڪوجھو ڪم
جان جان دعوى دم، تان تان پرت پنهوار جي
مارئي جو ساڻيهه جي سڪ وارو اِهو جذبو اسان کان پنهوارن سان پت ۽ ملير سان محبت جي تقاضا ڪري ٿو ۽ طبقات جي انهي رساڪشي ۽ ماراماري ۾ اُها ئي تقاضا ڪري ٿو جيڪا لطيف سائين مارئي جي پيغام کي پنهنجي لفظن ۾ پلٽيندي ڪئي هئي:
سنهي سئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه
هينئون منهنجو هُت ٿيو، هِت مٽي ۽ ماهه
پکن منجھه پساهه قالب آهي ڪوٽ  ۾
مارئي جي امر ڪردار کي اڄ به همعصر حالتن پٽاندر ڏٺو وڃي ٿو ته اسان کي اُن مان وڏي رهنمائي ملندي ۽ اسين پنهنجي سرگردانيءَ ۾ سوڀارا ٿينداسون. اڄ به دُنيا لاءِ  وڏي ۾ وڏي للڪار  غربت آهي، ترقيءَ ۽ فلاح لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دنيا جا سڀئي ادارا اڄ به غربت جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن پر غربت ڏينهو ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ اڄ به  سمورين ڪوششن باوجود غربت وڌي رهي آهي ۽ نت نوان روپ ڌاري رهي آهي. مارئيءَ جو پيغام اسان کي غربت کي مُنهن ڏيڻ جي نياري حڪمت عملي ٻُڌائي ٿو، اُن حڪمت عمليءَ جو بنياد ماڻهن جي تهذيب ۽ مقامي حالتن تي آهي تنهنڪري اُها غربت جيSugar coated ۽ ڏيساوري نسخن کان مختلف آهي.  مارئي ڪفايت ۽ قدرتي وسيلن کي سُڪارج ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿي ۽ رهڻ جي اُن ڍنگ کي ايترو ته اتم ۽ اوچو سمجھي ٿي جو هُوءَ وڏيءَ دعوى سان اِهو به چئي ٿي ته ڪنهن کي جيڪڏهن اعتبار نٿو اچي ته پاڻ هلي ڏسي سگھي ٿو سمورو ملير سندس سامهون آهي.
ٿوري ُقوتَ قرارئا، رهن صٻر سٿ،
کٿيءَ کيهه ڀُڪلئا، ُڀڻن اِهڙيءَ ڀت،
پنهوارڪي پت، پيهي پُڇ ملير ۾
مارُو قناعت پسند آهن ۽ ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺندي، کين جيڪي ملي ٿو هُو اِن تي شاڪر رهن ٿا ۽ ٿورو قُوت به کين قُوَت بخشي ٿو پنهنجي ٺاهيل شين کي هنڊائين ٿا ۽ مارڪيٽ جي منهن ڦاڙ واڳوءَ جي وات ۾ نٿا ڪرن ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ جون قوتون ئي موجوده غربت جون ذميوار آهن. مارئي سرمايه واد جي شين کان نفرت به حڪمت عملي طور ڪم آڻيندي سون کان نفرت ڪري ٿي ۽ سون بجاءِ ڪراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌڻ کي وڌيڪ عزت وارو سمجھي ٿي ۽ جيڏين سان جياپي ۾ فاقي کي به  فرض سمجھي ٿي:
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءِ
ور جيڏين سين جوءِ، فاقو فرحت ڀانئيان.
دنيا کي جيڪو ٻيو چئلينج درپيش آهي اُهو ماحوليات جو درهم برهم ٿيڻ آهي ــ سڄي دنيا ۾ ماحول کي بچائڻ لاءِ ٻڙڌڪ متل آهي ۽ دنيا جو ساهه ٿو منجھي ته هاڻي ڇا ٿيندوــ قدرتي وسيلن کي ڳڙڪائڻ جي چڪر ۾ اچي انسان پاڻ اُن ٽار کي وڍڻ شروع ڪيو آهي جنهن تي هو ويٺو آهي ۽ محض نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ اِهڙو ڪُڌو ڪم ڪري رهيو آهي. نفعي جي اِن سودا دُنيا جي ماحوليات کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هر شئي وڪامجي رهي آهي ڀريءَ بازار ۾ صرف ٻه ڌريون ڪردار ادا ڪري رهيون آهن هڪڙو وڪڻندڙ/جوڙيندڙ آهي ٻيو گراهڪ/خريد ڪندڙ آهي. ٽيون فقير يا پينو آهي جيڪو ٻنهي جي رحم ڪرم تي آهي. اِن ساري تناظر ۾ مارئي جو امر ڪردار دُنيا کي سنئون دڳ ٻڌائي ٿو ته پنهنجي قدرتي وسيلن تو ڙي انساني وسيلن سان محبت رکو ۽ صرف ضرورت جي حد تائين کپايو. فطرت سوني مرغي آهي، جنهن کي سمورا بيضا هڪ  وقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪُهي ختم نه ڪريو نه ته توهانکي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پونداـــ توهان جيڪڏهن پنهنجي جهر جهنگ سان نينهن جو ناتو ۽ ننگ رکندو ته توهان جو جياپو آسان هوندو۽ توهان وٽ سدائين سُڪار هوندو توهانکي ڪنهن جي به لوڙ  نه رهندي:
تن ونهين ويڙهيچن ۾، سدائين سُڪار،
چونڊئو آڻيو چاڙهين، سندا ڏونرن ڏار،
جن جو ويڙهين سي واپار، سي ڏوٿي هون نه ڏٻرا
ــــــــــــــ
نڪا جھل نه پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾
آڻئو وجھن آهرين، روڙيو رتا گل
مارو پاڻ امل، ملير هون ئي مرڪڻو
اهڙي ريت سمورو سُر مارئي ساڻيهه جي سڪ ۽ مارن جي محبت جو اُهو سون سريکو پيغام آهي جيڪو غربت ۽ Climate Change جهڙين وڏين للڪارن جي سلسلي ۾ دنيا جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو ۽ دنيا مارئي جي ڏسيل رهنمائي مطابق هلندي پنهنجي غريب ماڻهن جي اَجوکي آجپي لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي ٿي۽ دنيا کي غربت جي گهاڻي مان آزاد ڪرائي سگهجي ٿو۽ اهڙِي طرح مارئي جي همٿ، هيڻن لاءِ همٿ افزائي جو باعث بڻجندي ۽ هيڻا جڏهن اِهو احساس ڪندي اڳتي وڌنڌا ته پوءِ پاڻ و هيڻا ۽ پاڻ ڀرا ٿي پوندا ۽ ڪوئي عمر جبري طور کين پنهنجي قيد ۾ قابو ڪري ڪونه سگھندوــ
پانڌي پرين پنهوار جو آيو ڪالهه ڪهي،
وٺا مينهن ملير ۾ وئڙا ڏک لهي
ڏٿ پڪو ڏيهه ۾ گهڻي موڪ مهي
ويڙهيچن وهي، سِڪون لاهيان سومرا

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو