Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (آزاد امام علي جهنجهي)

نظم

آزاد امام علي جنجهي



اڃان ڪي اسان وٽ پڙهيا ويٺا آهن،
ابليس کان اڳ جا به تڙيا ويٺا آهن،

هنن جي ڪري هو هاهيءَ ۾ ويو،
خومخواھ خبيثن جي کاهيءَ ۾ ويو،
فڪر مان ڦريو پوء ڦاهيءَ ۾ ويو،
هي آدم ائين هوا تي اڙيا ويٺا آهن،

ڪئي اُٺ ڪتابن جا کايو هلن پيا،
شهرت جي پـويان ڪاهيو هلن پيا،
سندا ديـن ڌرم ٺاهـيو هـلن پيا،
ٿڏي کان ئي سمجهو ٿڙهيا ويٺا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو