Monday, 9 June 2014

ڪهاڻي ـ ڳنڍو (نصير ڪنڀر)

چئوطرف پاڻي ئي پاڻي هيو، مينهن ڇا وٺو هو، ڄڻ آسمان ڦاٽي پيو هو، ۽ پاڻي نيسارا ڪري وهي رهيو هو، جنهن هر طرف زمين کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڪٿي به زمين جو ذرو ظاهر نظر ڪونه ٿي آيو. روڊ، رستا، لنگهه، گهيڙ سڀ پاڻي سان تاروتار هيا. ديوين جا اڌ وجود پاڻي ۾ گهيريل هئا، ٻنين مان ڪٿي ڪٿي فصل جا ڇيڙا نظر آيا ٿي، نه ته پاڻي جون ڇوليون هيون، عام طور تي پاڻي جا جيڪي به لانگها هيا، اُهي وهڪرا وهندا ڍورن ۽ چنڊڻن ڏانهن رخ ڪري رهيا هئا.
هن ڀيري جيتري برسات پئي هئي، انهيءَ جهڙي برسات گذريل سؤ سالن تائين ڪونه پئي هئي، وڏي ڄمار جي جهوُر پوڙهي به جيڪر پنهنجي يادن جا ورق ٿي واريا ته چيائين ٿي “ابا اهڙي ته نڪو ڏٺي نه ڪو سُئي.” ماڻهن جون في الحال وايون بتال ٿي ويون هيون، ڪچا گهر ڪڏهوڪا لئي مٽي ٿي چڪا هئا ۽ پڪن گهرن جون ڇتيون هاڻي پروڻ ٿي پيون هيون، انهي ڪري برسات سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ ڪير به رهي ڪونه سگهيو هو، ڏاکڻي سنڌ تي پوندڙ برساتن ۾ هي وڏو رڪارڊ هيو، جنهن سموري علائقي جو جهڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏيو هو، گهڻا روڊ ۽ رستا پاڻي هيٺ هئا ۽ جيڪي بچيا هئا اُهي هلڻ لائق ڪو نه هيا، ڏاڍي ته ڇا پر هاڻي ڀٽن به پاڻي جهلڻ ڇڏي ڏنو هو.ماڻهو سر بچائي وڃي ڀٽن ۽ مٿاهين هنڌن تي پناهه ورتي هئي مهراڻي ۽ ڪس جو سمورو علائقو ماڻهن سان ايئن سٿيل هو جيئن ڄام جکري جي دؤر ۾ هيو، فرق ايترو هيو ته اُهي ماڻهو مالوند، سکيا ستابا ۽ پنهنجي اجهن ۾ خوش هيا، پر هي ماڻهو پنهنجي سموري پونجي وڃائي، سر بچائي بي يارو مددگار اچي انهن ڀٽن تي پهتا هئا.
ميڊيا تي انهي سموري قيامت خيز گهڙي جي رپورٽنگ ڪري، سموري دنيا، سماجي تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي متوجه ڪري ورتو هيو، جنهن ڪري ماڻهن کي ٻيڙين، ٽريڪٽر ٽرالين وسيلي، پاڻي اڪاري سُڪي تي پهچايو پئي ويو. پر ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي مٽي جو ڍير ٿي چڪا هئا، برسات ته هاڻي گهٽجي ويئي هئي پر ڪٿان به پاڻي جو لانگهو نه هجڻ ڪري ڪنهن به پاسي پاڻي نيڪال نه ٿي رهيو هو، قدرتي طور تي ٺهيل هاڪڙي، پراڻ جا مختلف وهڪرا ماڻهن پنهنجي قبضي ۾ آڻي، آباد ڪري ڇڏيا هيا. جنهن ڪري پاڻي جو وهي سمنڊ ۾ پوڻ جو واحد رستو سم نالي هئي جيڪو به اڳتي جو پريشر وڌڻ ۽ سمنڊ ۾ چاڙهه اچڻ ڪري واپس وهي رهي هئي، ڏينهون ڏينهن مٿاهين علائقن جو ايندڙ پاڻي رهيل ڳوٺن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڳهيندو پئي ويو.

ڳوٺ عاقل خاصخيلي هيستائين ته انهي آفت کان بچيل هو، پر هاڻي پاڻي جي وڌندڙ چاڙهه تحت مشڪلاتن ۾ گهيريندو ٿي ويو. برسات جي ڪيترن متاثرين کي پناهه ڏيندڙ هي ڳوٺ اهو ٽائٽانڪ هيو، جيڪو پنهنجو وجود ڪنهن به ٽائيم پاڻي ۾ وڃائي سگهيو ٿي، هونئن ته هي ڳوٺ ڍوري جي ڪپ تي هئڻ ڪري خطري کان ٻاهر هو. پر ڍوري جي ليول ڪرائي ڪيترن ايڪڙن ۾ باغ ۽ فصل پوکي ڇڏيا هئا. جنهن ڪري ڍوري جي وچ تي وڏو بند ٻڌل هيو، سموري علائقي ۾ 6 کان اٺ فوٽ پاڻي بيهڻ باوجود بند تمام مٿي هيو، جنهن ڪري پاڻي ڳنڍي جي بند کي لڳڻ بعد موٽ کائي چاڙها ڪري رهيو هو .انهي حالت ۾ عاقل خاصخيلي ۽ هن جهڙا ٻيا ڳوٺ ٻڏڻ عام هو. پر ڪنهن ۾ به اها دم  ڪونه هئي جو حاجي سليمان جي بند کي ٽوڙي پاڻي نيڪال ڏياري ماڻهن کي مصيبت مان ٻاهر آڻي.

ميڊيا جي هڻ وٺ ۽ ڪوشش بعد حڪومتي ڌر به ننڊ مان جاڳي هئي. جنهن پنهنجا سرڪاري دورا شروع ڪري ڏنا هئا. وزير مشير ميڊيا ۾ ٿيندڙ گلائن کي گهٽائڻ جي لاءِ دل تي پٿر رکي پنهنجن تڪن ۾ لهي پيا هئا، هونئين به صرف حڪومتي اعلان ڪرڻا هئا. باقي راشن ضرورت جو سامان اهو ملڻ مشڪل هيو. ٽي وي چينل جي مٿي ڦريل صحافي سرڪاري دوري تي آيل صاحب کان سوال ڪري آپي مان ڪڍي ورتو هو. ”اوهين آبپاشي وزير ته هينئر دريا جي بند تي هجڻ گهرجو. جتي حالت خراب آهي“ وزير مصدف ڳاڙهو ٿيندي جواب ڏنو ”هي منهنجو حلقو آهي انهن ماڻهن جي آئون اڄ پرگهور نه لهندس ته ڪڏهن لهندس“ ”پر سر اوهين خالي دورا ڪرڻ بجاءِ دوري تي خرچ ايندڙ راشن وٺي انهن ماڻهن ڏانهن موڪليو ته انهن اٻوجهن جي پيٽ جي باهه ڪونه اجهي ها؟“ صحافي سوال ڪونه ڪيو هو ڄڻ چماٽ وهائي ڪڍي هئي. وزير باهه جي ڄڀي ٿي پيو هو. “اوهان کي مشورا ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي مسٽر. اوهان جو جيڪو ڪم آهي اهو ڪريو” وزير گاڏيءَ م چڙهي هليو ويو.
سموري سنڌ جي ساڳي صورتحال هئي، ماڻهو ڪٿي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا هئا، ڪٿي ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئا. ته ڪٿي بيمارين وڪوڙي وڌو هو. وزير صرف فوٽو سيشن ۾ مشغول هئا. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي خاص وزير ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ شروع ڪيو. ضلع هيڊ ڪوارٽر ۾ پهتو ته عاقل خاصخيلي جي رهاڪو سماجي ڪارڪن صحافين کي سمجهايو ته خاص وزير کي ڳوٺ طرف وٺي هلو. اُتي متاثرين گهڻا آهن ۽ حالت به ابتڙ آهي. صحافين اها ڳالهه ڪئي ته وزير صاحب به اوڏانهن رخ ڪيو. ماڻهن کي ڪوڙيون دلداريون ڏيڻ ۾ ڇا هو؟ ۽ پوءِ جيڪر ايترا صحافي گڏ هجن ته پوءِ ڪوريج به واهه جي ملندي وزير موصوف جڏهن عاقل ڳوٺ پهتو، ته اتي ماڻهن صرف هڪ گذارش ڪئي ته چئوطرف پاڻي گهيري ويو آهي، پاڻي جو اڳتي ڪوئي نيڪال ڪونهي حاجي سليمان ڍوري جي وچ تي ڳنڍو ڏيئي آباد ڪري ويٺو آهي. صرف ڳنڍو کولرايو ته پاڻي سمنڊ طرف وهي وڃي. باقي اسان کي ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو گهرجي. صرف ڳنڍو کولرايو. وزير صاحب دل ئي دل ۾ خوش به ٿيو. هڪ نظر ڏٻرن چهرن تي وڌائين. جيڪي برساتن ۾ اوجاڳن ۽ بک جي ڪري وڌيڪ ڏٻرا ٿي پيا هئا. چيلهه تي هٿ ڏيئي، چئوطرف نهاريائين. ڳوٺ جي آس پاس پاڻي ئي پاڻي هيو. ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺائين آءِ جي صاحب بيٺو هو. حڪم ڪيائين “دراني صاحب” “ييس سر” دراني اڳتي وڌي آيو.
“اهو ڳنڍو کولرايو ته جيئن ماڻهن جو مسئلو حل ٿئي.”
“ييس سر”
وزير واپس مڙيا ته ٻيا به گڏ آيل مشير،ايم پي اي، ڪامورا سڀ گاڏين ۾ چڙهڻ لڳا. گاڏيون وري ضلعي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن روانيون ٿي ويون.
سرڪٽ هائوس ۾ ڪجهه دير ترسي وزير هيلي ڪاپٽر وسيلي ڪراچي روانو ٿيو ته آءِ جي به روانو ٿيڻ لڳو، آءِ جي گاڏيءَ ۾ ويهندي ڊي آّءِ جي کي چيائين: “آئون ڪراچي هلان ٿو. صبحاڻي سوير امن امان جي حوالي سان ميٽنگ آهي، توهان ڍوري وارو ڳنڍو کولرائي ڇڏجو.”
“اوڪي سر توهان بي فڪر رهجو” ڊي آءِ جي جواب ڏنو.
ڊي آءِ جي ٻن ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي ڪري سرڪٽ هائوس ۾ وڃي آرامي ٿيو. شام جو روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ ڊي پي او کي چيائين “جمالي صاحب مون کي ضروري ڪم آهي، حيدرآباد وڃان ٿو. توهان صبحاڻي اهو ڳنڍو کولرائي ڇڏجو، جنهن لاءِ منسٽر صاحب اڳيان ماڻهن رڙيون پئي ڪيون.”
“ييس سر کولرائي ڇڏينداسين”
“ها پر توهان پاڻ جاءِ وقوع تي وڃي کولرائجو، متان ماڻهو ٻيهر ٻڌي نه ڇڏين”
“ها سر آئون پاڻ ويندس”
ڊي پي او به منسٽر جي پروگرام جي ڪري ۽ برساتن جي ڪري ٿڪل هيو وڃي ڊي پي او آفيس ۾ آرامي ٿيو، ٻي ڏينهن يارهن بجي آفيس سيڪريٽري کي گهرايائين.
”جي سر“ پِي اي نوٽنگ پيڊ کڻي اچي بيٺو.
”معلوم ڪر ڊِي ايس پِي علياڻي ڪٿي آهي؟“
”سر ڪلاڪ کن اڳ گشت تي نڪري ويو آهي، چيائين پئي رليف ڪئمپ تي وڃڻو آهي ڪجهه هاري آهن پنهنجا انهن کي راشن ڪونه مليو آهي“
”وائرليس تي رابطو ڪر“
“سر وائرليس برسات جي ڪري رات کان خراب آهي مڪينڪ آيو آهي، جيئن ٺهي ٿو ته رابطو ڪري سائين جن جو پيغام پهچايون ٿا”
“آئون ڳوٺ ٿو وڃان، ڏسان ٻني جو ڪهڙو حال آهي. علياڻي صاحب کي چئجان حاجي سليمان ڳوٺ وارو ڳنڍو کولرائي ڇڏي. جنهن لاءِ ڪالهه ماڻهن منسٽر صاحب اڳيان رڙيون پئي ڪيون”
“جي بهتر سر”
ڊِي پِي او گاڏي ۾ ويٺو ۽ گاڏي ڊِي پِي او هائوس مان نڪري وئي. شام تائين علياڻي صاحب سان ڪو رابطو نه ٿي سگهيو.پنج بجي ڊِي ايس پِي علياڻي آيو ته نياپو ڏنو ويو. علياڻي بالا آفيسر جو نياپو ٻڌي پهريائين ته منهن ڦٽايائين. هي اي ايس آءِ طور حاجي سليمان جي تر واري ٿاڻي تي رهي آيو هو. انهيءَ ڪري حاجي سليمان سان واسطو به هيو ۽ طاقت جي خبر هئي. آپريٽر کي چيائين صاحب پڇي ته چئجان “علياڻي جو سمورو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. انهيءَ ڪري ڳوٺ ويل آهي.” پاڻ شهر ۾ دوست جي بنگلي تي هليو ويو.
صبح جو آفيس ايندي ئي صوبيدار علي بخش وڳڻ کي گهرايائين علي بخش سلام ڪري ويٺو ته چيائين ”علي بخش پاڻي اسان جي ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. رات کان ڳوٺ وارن جا فون پيا اچن، ڪا گاڏي  هٿ ڪري ڳوٺ ٿو وڃان ۽ ٻارن کي وٺي اچان ٿو. جمعدار يوسف کي چيو آهي ڪوارٽر جي صفائي ڪرائي ٿو ڇڏي.“
”سر اهو بهتر آهي حالات خراب آهن“
“ها” ڊِي ايس پِي ڪنڌ ڌوڻيو.
”توهان ايئن ڪريو فورس وٺي حاجي سليمان جي ڳوٺ وارو ڳنڍو کولرائي اچو.“
”سر مان“ صوبيدار علي بخش کي ڄڻ شاٽ لڳي. وري پاڻ کي سنڀاليندي چيائين “منهنجو  مطلب آهي ته سر هتي ته فورس به ڪونهي. توهان کي خبر آهي حاجي سليمان....” وڳڻ خاموش ٿي ويو.
“ها مون کي خبر آهي حاجي سليمان پنهنجي علائقي جو طاقتور ماڻهو آهي، پر ڇا ڪجي؟ هاءِ اٿارٽي جو حڪم آهي، توهان وڃو حڪم جي پيروي ٿيڻ گهرجي.”
ڊِي ايس پِي فيصلائتي انداز ۾ ڳالهه ڪري اٿيو. علي بخش وڳڻ ڳالهائي انهي کان اڳ ۾ گاڏيءَ ۾ نڪري ويو.
صوبيدار علي بخش کي حاجي سليمان جي خبر هئي. ڊِي ايس پِي جيڪو ڪنڌ ۾ ڳٽ وڌو هو. اهو به ڳرو هو. اهو لاهڻ ضرورِي هو، پر انهيءَ کي ڪيئن لاهجي؟ آخر سوچي گهنٽي وڄايائين. سنتري حاضر ٿيو، سلوٽ ڪندي چيائين ”ييس سر“
“اي ايس آءِ قربان نوتڪاڻي ڪٿي آهي؟”
”سر هاڻي ڪوارٽر تي ويو  آهي“
”جلدي سڏي اچ“
”جي سر“ سنتري جو هٿ نرڙ تائين آيو زور سان پير جو ٺڪاءُ ٿيو ۽ سنتري چُشتي سان واپس مڙيو ۽ غائب ٿي ويو.
”نوتڪاڻي قربان توتان قلبان وڃان، هاڻي هاڻي پيغام مليو آهي ته ڪو منسٽر هتي شهر ۾ پهچڻ وارو آهي، ڊِي پِي او صاحب ۽ ڊِي ايس پِي صاحب ٻاهر آهن انهي ڪري اتي منهنجو هجڻ ضروري آهي.
“جي بهتر سر” نوتڪاڻي چيو
“توهان پنهنجي فورس وٺي ڪالهه جتي منسٽر صاحب ڳنڍو کولائڻ جو حڪم ڏنو هيو. اهو حاجي سليمان جي ڳوٺ وارو ڳنڍو کولرائي اچو”
اي ايس آءِ سوچيو ته صوبيدار  هن کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ ٿو چاهي سو چيائين “سر ٻڌو آهي حاجي سليمان ڳنڍي تي پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن. سو هڪڙي جمعدار ۽ ٻن سپاهين سان ڳنڍو ڪيئن کلندو؟!!”
“بابا اهو هاءِ اٿارٽي جو حڪم آهي. توهان حاجي سليمان جي پٽ سان ملو ۽ ان کي اها ڳالهه سمجهايو ته ڳنڍو کولڻو پوندو، ڪوشش ڪجو مسئلو حل ٿي ويندو.”
“اهو ته ٺيڪ آهي صاحب پر حاجي سليمان جو پٽ ڪراچي ويل آهي ۽ ڳنڍو ڪو واٽر جي کنڌي ڪونهي جيڪا ڪوڏر سان کولي سگهجي ، هي پنج ايڪڙ ويڪري ڍوري ۾ اٺ فٽن جو وڏو بند آهي جيڪو ڪيئن کلندو، انهيءَ لاءِ ٽريڪٽر ۽ چڱو خاصو ليبر کپندو“
”ته پوءِ تون ڊِي پِي او صاحب کي سمجهائجان. منهنجو ڪم هو آرڊر توتائين پهچائڻ، هاڻي پڇا ٿئي ته منهن ڏجان“
“سر هن ۾ پڇا جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
“اڙي توهان رنگروٽ ڊائريڪٽ اي ايس آءِ ڇا ٿيا، ڄڻ پاڻ کي ڊِي آءِ جي ٿا سمجهو، توکي جيڪو چيو آهي اهو ڪر”
”ٺيڪ آهي سر اهو آرڊر آئون به اڳتي روانو ڪري ڇڏينديس“
صوبيدار ٻي ڪا واهه نه ڏسي اٿي روانو ٿي ويو، ته اي ايس آءِ قربان نوتڪاڻي پويان نهاريندو رهيو.
اي ايس آءِ جمعدار گهنور خان ۽ سپاهي تنو مل کي گهرايا.
جمعدار گهنور خان پنهنجي زندگي جا 20 سال پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سر انجام ڏيئي چڪو هو. کيس وسيع تجربو ۽ ڄاڻ صبح جو چانهه کان اڳ آفيم جا وزم وٺڻ کان پوءِ ڪم ڪندي هئي. اڪثر آفيم کٽڻ جي صورت ۾ قانون گهٽ پر گهنور خان تمام گهڻو حرڪت ۾ اچي ويندو هو. سو گهنور خان کي خبر هوندي هئي ته جنهن ڏينهن هن رنگروٽ ننڍي صوبيدار گهرايو ته ضرور ڪنهن مصيبت ۾ وجهندو اهڙيون اڳي ٻه ٽي چٽيون ڀوڳي چڪو هو. گهنور خان پينٽ کي مٿي ڇڪيندي سينڊل جي شپڙ شپڙ ڪندي اندر گهڙيو ته اي ايس آءِ قربان نوتڪاڻي هڪل ڪئي ”گهنور خان“
”جي سر“
”هينئر جو هينئر فورس وٺي حاجي سليمان جي ڳوٺ وڃ ۽ ڍوري وارو ڳنڍو کولراءِ“
”سر ايمرجنسي ۾ سموري فورس گشت تي آهي باقي صرف سپاهي تنو مل آهي. انهي ڪري ڪيئن جاءِ واردات طرف وڌجي“
”گهنور خان اهو مٿان جو حڪم آهي بنا دير انهي تي عمل ڪيو وڃي“
گهنور خان کي به حاجي سليمان جي وڏي خردماغ  پُٽ جي خبر هئي جيڪو جهيڙي جي جڙ هو. انهيءَ ڪري  سڌو منهن ۾ وڃڻ خطري کان خالي ڪونه هو.
”سر جيڪر ٻي فورس لاءِ ترسجي ته بهتر ٿيندو“
”گهنور خان اعليٰ اٿارٽي جواب طلب ڪري ٿي بنا دير عمل ڪيو وڃي“
”جي سر ايئن ٿيندو؟”
گهنور خان تنومل سميت ٻن سپاهين سان موبائل ڪاهي حاجي سليمان جي ڳوٺ روانو ٿيو. وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا ٽائر پنڪچر ٿيا اهي ٺهرائيندا شام جو جعفر علي جي ڳوٺ پهتا ته تمام گهڻا ٿڪجي پيا. جعفر علي جو ڳوٺ مٿاهين ۽ روڊ جي ڀر ۾ هئڻ ڪري اڃان ٻوڏ کان بچيل هيو. هي جعفر علي جي اوطاق تي هليا ويا. جتي کيس پڪي خبر ملي ته حاجي سليمان پنڌرهن کان ويهه هٿياربند ڳنڍي تي ويهاري ڇڏيا آهن. تنهن ڪري بند تي وڃڻ معنيٰ موت کي سڏ ڏيڻ هو. گهنور خان عقل کي ڦڻي ڏئي ۽ گهري سوچ کان پوءِ جعفر علي کي ڪڙڪ چانهه پيارڻ لاءِ عرض ڪيائين تنو مل ۽ سپاهي سگريٽ تيار ڪيو ته هن به آفيم جو وزم لڳايائين. چانهه جا ٻه ڪوپ پي تنومل کي رپورٽ لکڻ لاءِ سڏيائين.
تنو مل پين پنو کڻي هيڪل ڪنو ٿي گهنور خان جي ڀر ۾ ويٺو، گهنور خان سگريٽ جو دگهو ڪش هڻي مڇن کي ڇاٻ ڏيندي چيو لک “جيئن ته حاجي سليمان ڳوٺ واري ڳنڍي تي پاڻي تمام  گهڻو آهي.اتي ٽريڪٽر وغيره جو پهچڻ محال آهي. آئون يعني سينيئر جمعدار گهنور خان ۽ ماتحت تنومل سپاهي ۽ ٻيا پاڻ ڳنڍي جو معائنو ڪري آيا آهيون. مجوزه جاءِ جو معائنو ڪرڻ بعد اسين انهي نتيجي تي پهتا آهيون ته پاڻي جي سطح گهٽجڻ ۽ رستو کلڻ بعد ڳنڍو کولائي اعليٰ اٿارٽيءَ جي حڪم جي بجاآوري آندي ويندي.
صحيح ڪندڙ                              
جمعدار گهنور خان ۽ ٻيا               

 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو