Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (ذڪاءالله نهڙيو)

غزل
ذڪاءَ الله زرقاوي نهڙيو
اسين جي رناسين نظارا روئي پيا،
ڏسي سونهن هن جي ستارا روئي پيا،
وڇوڙو وڇاڻو ڪري هئا ستاسين،
رلي جا ڀنل سڀ ڪنارا روئي پيا،
سدائين سور دل چريءَ تي ستا هئا،
ٻڌي هي ڪهاڻي پيارا روئي پيا،
جڏهن هن اتر ۾ چني هئي اڏاري،
ڪٺل شام جا رنگ ڪنوارا روئي پيا،
ڊسمبر، ساري سدا آ جلايو،
ٿڌي رات ۾ ڪي دلارا روئي پيا،
ڪرين ناز ٿو تون “ذڪاء” جنهن حسن تي،

انهن کي تڪيندي اشارا روئي پيا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو