غريب هاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شڪيل کي ستن سالن جي ڄمار ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾
ماءُ داخل ڪرايو. ساڳي اسڪول ۾ ڳوٺ جي وڏيري جي ڌيءَ رضيه به پڙهندي هئي. رضيه ۽
شڪيل هڪٻئي جا هم ڪلاسي هئا. مسلسل ميٽرڪ تائين هڪ ئي ڪلاس ۾ پرهڻ سبب ٻنهي جي
دلين ۾ هڪٻئي جي لاءِ محبتن جا محل اڏجي ويا. شڪيل جو گهر اسڪول کان پري هو جڏهن ته
رضيه جو گهر اسڪول جي ويجهو هو.شڪيل جو گهر اسڪول کان پري هو. جڏهن ته رضيه جو گهر
ويجهو هو. رضيه اسڪول کان ورندي روز شڪيل کان واعدو وٺندي هئي ته هو صبح جو اسڪول
ضرورو ايندو. روز صبح جو سوير گهران نڪرندي هوءَ شڪيل جو انتظار ڪندي هئي. اهو
سندس ڏهه سالن جو شيڊيول بڻجي چڪو هو. انهن جي پيار جي سڌ اسڪول جي هر شاگرد کي
هئي. انهيءَ جي گهر انهن کي گڏ اٿندو ويهندو، ايندو ويندو ڏسي شاگرد شڪيل کي مجنو
چئي پڻ چيڙائيندا هئا. مگر هو انهن سڀني کان بي پرواهه پنهنجي پيار جي ڌاڳن کي
مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل هوندو هو. جنهن ڏينهن شڪيل نه ايندو هو ته رضيه به ڪو بهانو ٺاهي
اسڪول مان موڪل ڪري وٺندي هئي. آخر ايئن ئي محبتن جي جهان ۾ سندن پيار جو ٻوٽو وڌي
وڻ ٿي چڪو ۽ ٻنهي مئٽرڪ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو هو. سندس امڙ ابو ڏاڍا خوش ٿيا.
مگر هاڻ ڇا ڪجي نوڪري ته وري به پئسو گهرندي آ. شڪيل جو پيءُ پاڻ انهن منجهان هو
جن لاءِ ڀٽائي چيو آ ته “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا”. هو ٻن ويلن جي ماني به
مشڪل سان ڪمائيندو هو اهو ايترا پئسا ڪٿان آڻي جو پٽ کي پڙهائي يا وري نوڪري لاءِ
پئسا ڪري ڏئي. نيٺ هم مئٽرڪ پاس شاگرد کي اهو ئي ڪرڻو پيو جيڪو اسان وٽ ٿيندو رهيو
آ. شڪيل جو مستقبل پڻ ان تغاريءَ سان لکيل هو. جنهن کي مٿي تي کڻي سندس پيءَ جا
ڪارا مان اڇا وار اچي ويا هئا. مگر پوءِ به قرضن جا ڪوڙهه. آخر اهو سوچي ته “ويندا
لڙ لهي” شڪيل به مزدوري ڪرڻ جو ئي رستو
اختيار ڪيو. ٻئي ڏينهن هن کي رضيه ملي هن کيس سڄي حال حقيقت ٻڌائي. رضيه هن کي چيو
ته “رضيه آئون هاڻي وڌيڪ نٿو پڙهي سگهان، وقت ۽ حالتون مون کي ڪڏهن به سٺي عهدي تي
نه پهچڻ ڏينديون، ڇو ته دنيا پئسي جي آهي ۽ آئون هڪ غريب جو ٻار آهيان. رضيه مون
توسان مهبت ڪئي آهي منهنجي محبت کي وساري نه ويهجان ۽ توکي پڙهڻو آهي پڙهي وڏي
عهدي تي پهچڻو آهي.” رضيه وراڻيو “مان ڪونه پڙهنديس جڏهن تون نه ٿو پڙهين ته مان
ڇو پڙهان.” شڪيل لاجواب ٿي ويو. گهڻي دير ايئن رستي تي بيهڻ واجب نه سمجهندي شڪيل
رضيه کان موڪلايو.
رضيه
جڏهن ڏٺو ته هونئن ته شڪيل سان ملڻ ناممڪن آ تڏهن هن شڪيل جي ڀيڻ صفيه سان دوستي
رکي ۽ ان وٽ ڪنهن ڪم بهاني ايندي رهندي هئي ۽ ايئن ڏينهن گذرندا ويا. ٻنهي جي دلين
۾ پيار جو درياءُ ڇوليون هڻندو رهندو هو. ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي چڪا
هئا. ليڪن هڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ جو سوچي شڪيل روئي پوندو هو. ڇو ته هڪ ئي رڪاوٽ انهن
جي وچ ۾ هئي پئسو.... پئسو ۽ پئسو...! هن سوچيو ته هو امير ماڻهو اسان جهڙن غريبن
کي سڱ ڪڏهن به ڪونه ڏيندا، وري به دل وڏي ڪري ماءُ وٽ آيو. ۽ ماءُ سان حال حقيقت
ڪيائين. ماڻس به کيس اهو ئي چيو ته “ابا هنن جي جُتيءَ ۾ پنهنجو پير ڪڏهن به ڪونه
ايندو تون اجايو ضد ٿو ڪرين” پر هن جي گهڻي ضد تي ماڻس رضيه جي گهر وڃڻ جو دلاسو
ڏنو.
رضيه
صفيه سان ملي ڪري گهر واپس آئي ته ڏسي ته گهر ۾ سندس استاد ۽ ٻه ٽي ٻيا رشته دار
ڏسي هن سوچيو ته “هي سڀ گڏجي ڇو آيا آهن؟” ماڻس کان پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته هُو
سڱاوتي لاءِ آيا آهن؟ هن اتاولائي مان پڇيو ته ڪنهن جي سڱاوتي؟ ماڻس وراڻيو “پُٽ تنهننجو هٿ وٺڻ آيا آهن، هونئن به ڌيءَ
پرائو ڌڻ ڪيترا ڏينهن مائٽن جي گهر ۾ رهندي.” رضيه چئو ته “امان اهو ته آپر ڇا
لازمي آ ته آئون شادي استاد جي پُٽ سان شادي ڪريان؟” ماڻس پُڇيس ته “ڇو ڪهڙي خرابي
آ استاد جي پُٽ ۾ پڙهيل لکيل آ، بئنڪ ۾ نوڪري ڪندو آ، تون ان گهر ۾ سکي
رهندين” رضيه روئي پئي ۽ ماڻس هن کي
دلداري ڏني. ماڻس ۽ پڻس اُستاد کي سڱ جي لاءِ سوچڻ جو چئي عزت ڏئي روانو ڪيو.
رضيه
ساري رات رني هئي. ننڊ هن کان ڏُور الائي ته ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئي. هن ساري رات
سوچيو ته ڇا ڪجي ڪهڙو قدم کڻجي. سوچيائين ماءُ کي ٻڌايان ته مان شڪيل کي ڪيئن حاصل
ڪرڻ چاهيان ٿي. وري ڊپ سبب چوڻ مناسب نه سمجهيائين. ساري رات سوچي سوچي هن گذاري
ڇڏي. آخر پرهه ڦٽي، سج به اڀري ويو پر هن جي دل تان دردن جو بار هلڪو نه ٿيو.آخر
هيءَ صفيه جي گهر رواني ٿي. صفيه جي گهر هن شڪيل سان سڄي حال حقيقت ڪئي. شڪيل
پريشان ٿي ويو. مگر دل کي دلاسو ڏيندي رضيه کي به دلداري ڏنائين. رضيه چيس ته “مان
توکان سوا زنده رهي نه سگهنديس” هن چيو ته “دلربا تو کي پنهنجي اکين سان ٻئي ڪنهن
جو ٿيندي ڏسي نه ٿو سگهان. پر ڇا ڪجي پنهنجي وچ ۾ پلصراط آهي جنهن کي پار ڪرڻ لاءِ
پئسي جي ضرورت آ، ۽ مان مزور ماڻهو پئسو ڪٿان آڻيندس” رضيه چيو “آئون امان سان
ڳالهائي ڏسان ٿي، الله ڀلو ڪندو” ايئن چئي روئي هڪٻئي کان موڪلايائون. رضيه جي سؤٽ
جيڪا رضيه کان ناراض هئي ان شڪيل کي رضيه سان ڳالهائيندي ڏسي سڄي ڳالهه وڃي رضيه
جي مائٽن کي ٻڌائي جيڪي ڳالهه ٻڌڻ شرط تپي باهه ٿي ويا. رضيه شڪيل سان ملي جيئن ئي
پنهنجي گهر پهتي ته امڙ هن کي وارن مان جهلي ٻه ٽي ٿڦڙون وهائي ڪڍيون. پڻس به ڪاوڙ
مان چيو “تنهنجي ايتري همت جو ڏينهن ڏٺي جو يارن سان ملندي وَتين، پنهنجو نه ته
منهنجي عزت جو ته خيال ڪرين ها.” رضيه روئي رهي هئي پر ڪنهن کي به هن تي رحم نه
آيو . ايئن هن جو رشتو استاد جي پٽ سان
طئي ڪيو ويو هيءَ روئندي رڙندي رهي هن جي دانهن جو درمان ڪرڻ وارو ڪير به نه هو.
ڪير به نه هو جيڪو ٻن دلين جو درد سمجهي سگهي ۽ پيار جي پيچري تي هلندڙ مسافرن کي
سندن منزل ڏيکاري.هو آخر روئي روئي ٿڪجي پئي نيڻن مان نير کٽي پيا هئا. پر دردن جو
بار هلڪو ڪونه ٿيو.
هوڏانهن
رضيه جي پيءَ شڪيل کي به سيکت ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان لاءِ هن ڌاڙيلن کي پئسا ڏئي
شڪيل کي اغوا ڪرايو. ڌاڙيلن اغوا ٿيڻ کان پوءِ شڪيل جي پيءَ کان ڀنگ گهري، پر پئسا
نه هجڻ سبب شڪيل جو پيءُ پئسا نه ڀري سگهيو. آخرڪار پُورو سال کيس باندي رکڻ بعد
آخر ڌاڙيلن هن کي مارڻ جو پڪو پهه ڪيو. اها خبر جڏهن شڪيل کي پئي ته هن ڌاڙيلن کي
منٿون ۽ ايلاز ڪيا. آخرڪار گهڻن ايلازن سبب ڌاڙيلن جي سردار کي مٿس رحم اچي ويو ۽
کيس چيائين ته “هڪ شرط تي توکي ڇڏيندس، جيڪڏهن تون ڳوٺ ڇڏي تيستائين ڳوٺ جي ماڻهن
کان ڏور رهين جيستائين رضيه جي شادي نه ٿي ٿئي.” شڪيل پڇيو “رضيه جي شادي؟؟ ڪڏهن
آ....!!” سردار ٻڌايس 3 مهينن بعد سندس شادي ٿيندي .” توکي 3 مهينا ڳوٺ کان ٻاهر
پر ايترو پري رهڻو پوندو جو ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نظر نه اچين” هن واعدو ڪيو.
۽ واعدي بعد سردار جي چوڻ تي سندس ساٿي هن کي رات جي انڌيري ۾ ڳوٺ وٽ ڇڏي آيا. رات
جو گهر وارن سان حال حقيقت ڪري صبح جو سوير ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيائين جتي
سندس سؤٽ رهندو هو. صبح جو سوير پرهه ڦٽڻ کان اڳ هو هليو ويو . 3 مهينن لاءِ ڳوٺ
کي الوداع چئي. جڏهن هو شڪيلا جي گهر وٽ پهتو ته گهر ڏانهن نهاري چند لڙڪ لاڙي
هليو ويو. دل گهڻو ئي چيس ته شڪيلا کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃي. پر بيوس هو. واعدو
وفا به ڪرڻو هئس. ان ڪري هي نڪري ويو. ٻئي ڏينهن شڪيلا رليون ڏيڻ جي بهاني سان
صفيه وارن جي گهر وئي جتي شڪيل جي ڀيڻ صفيه سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي. ڳالهه
ٻڌي رضيه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن اهو سوچيو به نه هو ته ان جو پيءُ ڪو هن سان ايتري
دشمني رکي سگهي ٿو. رضيه لاءِ هاڻ فيصلو ڪرڻ مشڪل هو. هن ته سوچيو هو ته هڪ ڏينهن
شڪيل ايندو ۽ کيس هن دنيا کان ڏور وٺي ويندو اُتي وٺي ويندو جتي پيار تي بندشون نه
هجن. جتي ٻن دلين کي محبت جو جام اوتڻ جي آزادي هجي. مگر هاڻ جڏهن شڪيل هن کان
دُور وڃي چڪو هو ته هاڻ ڇا ڪجي هن ساري رات سوچيو. آخرڪار گهڻو سوچڻ بعد هوءَ اٿي
۽ گهر جي استعمال لاءِ ايندڙ ڪيميڪل کائي ورتا جنهن سبب هو تمام گهڻو بيمار ٿي
پئي. هن کي ان ئي وقت پرائيوٽ اسپتال پهچايو ويو. رات ئي رات ۾ هن کي ڪراچي
ٽرانسفر ڪيو ويو. شڪيل کي سندس ڀيڻ صفيه جڏهن اها خبر فون تي ٻڌائي ته هي به جلدي
جلدي ڪراچي جي ان اسپتال ۾ آيو. دروازي تي هن کي استاد مليو جيڪو تمام گهڻو پريشان
پئي لڳو. پوءِ شڪيل انهن کان ڏس پتو پڇي ان ڪمري ۾ پهتو جتي رضيه پنهنجي حياتيءَ
جا آخري پساهه کڻي رهي هئي. ڪمري ۾ هن ڏٺو ته رضيه جي سيراندي کان سندس امڙ ويٺي
هئي. هوءَ به ڏاڍي پريشان پئي لڳي. رضيه جون اکيون بند ٿيل هيون. شڪيل رضيه جي
ڀرسان بيٺو. آهستي سڏ ڪيائين “رضيه” ڪو جواب نه مليس. رضيه جي امڙ ٻڌايس ته رضيه
جي طبيعت رات کان وٺي ايئن ئي آ. ڊاڪٽرن به لاعلاج ڪيو آ. چون ٿا ڪيميڪل سڄي بدن ۾
زهر پکيڙي ڇڏيو آ. جيئڻ جي ڪا به اميد ناهي رهي پوءِ به خدا جي وس آ. شڪيل جي اکين
۾ ڳوڙها تري آيا. هن ٻيهر سڏ ڪيو“رضيه...! آئون شڪيل آهيان، اٿ رضيه...!” رضيه جون
اکيون کلي پيون. هن شڪيل کي هڪ نظر سان ڏٺو ۽ سندس منهن مان اهي ئي لفظ نڪتا“شڪيل
مون کي معاف ڪج، آئون توسان ساٿ نڀائي نه سگهيس.....!!!!” ايئن چئي هن اکيون بند
ڪري ڇڏيون، هميشه جي لاءِ......!!!
شڪيل حواس وڃائي ويٺو هو. هن هڪ
وڏي اوڇنگار ڏيڻ بعد هو زاور قطار روئڻ لڳو هو. رضيه جي ماءُ ۽ پيءُ پڻ لڙڪن
قطارون نه روڪي سگهيا.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو