Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (عبدالله آس هنڱورجو)

غزل
عبدالله “آس” هنڱورجو
غم ڌنڌوڙي ڇاڻي ڇڏ،
مرڪ چپن تي آڻي ڇڏ،
مرڪن جا مينهن وسائي،
رتبا اعليٰ ماڻي ڇڏ،
مند ملڻ جي آئي آ،
تون بي رُساما هاڻي ڇڏ،
مُک جي کٽ گلابي تي،
واڻ چڳن جا واڻي ڇڏ،
مايوسين آ من کي گهيريو.
آٿت ڪا ته اماڻي ڇڏ،
رولاڪ اکين کي آس کڻي،

هڪڙي ڪنهن ته ٺڪاڻي ڇڏ.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو