Monday, 9 June 2014

هڪ شاعر (شوڪت نهال راڄڙ)

 چونڊ شاعر
شوڪت نهال راڄڙ
منهنجي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف ڳوٺ ٻاراچ راڄڙ آهي، جنهن جي گلين ۾ صدين جيڏو سناٽو آهي....! ۽ سناٽي ۾ مون هڪ ڏينهن “رڃ ۾ رڙ” جهڙو آواز ٻڌو....!
ننڍي عمر جو نينگرو ۽ جبل جيڏي جدوجهد ڪندڙ مورن جي موت تي سراپا احتجاج ۽ دلالن جي خيمن مان اٿندڙ دونهين ۽ ٽوپي جهڙن ٽهڪن تي اگهاڙي ترار جهڙا احساس لکندڙ شوڪت نهال راڄڙ جنهن جو خيال آهي ته هن پنهنجي اکين سان اڌ صديءَ کي اگهاڙو، بکيو ۽ پنندي ڏٺو آهي...!!
ها اهو شوڪت، جيڪو ڪارڙي ڪولهڻ کي ننگر جو ننگ سمجهي ٿو، تڏهن ته اوائلي عمر م سندس شناخت نرالي آهي.
منهنجي هنن لفظن جي سموري خوشبو سندن ان پورهئي جي نانءُ جيڪو هو اڇن پنن تي اتاري سماج کي آئينا ارپي ٿو. دعا آهي ته ٿر جو هي ارڏو ۽ اڻ موٽ ليکڪ منزل ماڻي..!! اچو ته پڙهون سندس خيال....!!!

سٽون: معصوم سوندرائي               
غزل
توکي مونکي ڌار ڪندا،
جيون پنهنجو آزار ڪندا،
منهنجي ايندئي ياد جڏهن،
لڙڪ اکين مان لار ڪندا،
گهر جي ٿڌي چلهه ڏسي،
بکيا رڙيون ٻار ڪندا،
سال پروڪي جيان پکي،
پرديس ڏانهن اُڏار ڪندا،
پيار جا هي ويري ماڻهو،
سونهن سڄي سنگسار ڪندا،
تنهنجي ڪارا وار قسم سان،
شوڪت تي سؤ وار ڪندا.
غزل
چهرو لڳو چنڊ چنيءَ مان،
شام ٽاڻي موٽي ٻنيءَ مان،
وٺي کان پوءِ آئي ٿي ڇا؟
خوشبو ساري سنڌ مٽيءَ مان،
هن جا اماڻي ڪالهه مونکي آ،
چاهت آئي تنهن چٺيءَ مان،
توکي ڪهڙي آسيس ملندي،
هن ويچاري دل ٽٽيءَ مان
شوڪت ساهه کي ساءُ مليو

گذريس جو گهٽيءَ مان

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو