Monday, 9 June 2014

هڪ شاعر (نياز ڳاهو)

چونڊ شاعر

نياز احمد ڳاهو
صحرا جي سڃ ۾ 5 اپريل 1988 تي استاد پيراڻي جي گهر م جنم وٺندڙ نياز 2007 ۾ جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته ايئن لڳو ڄڻ هو سڄي ديس جي دردن جو اڪيلو رکوالي ڪندڙ هجي. هن جا شاعري ۾ ديس جو درد به آ ته عشق جي آتش مان پچي پڄري نڪتل سندس اندر جون آهون ۽ دانهون به هن ڪاغذ جي ٽڪرن تي اتاري ان اميد سان دنيا جي اڳيان آنديون آهن ته شايد ڪڏهن سندس دردن جو درمان ٿئي.
نياز جي شاعري ۾ خيالن جو هڪ اٿاهه سمنڊ ملندو. هن جي شاعري جي هڪ هڪ سٽ پڙهڻ سان محسوس ٿيندو ته هن تي ڏات جي ديوي تمام گهڻو مهربان آهي. رابطن جي دنيا کان پري رهڻ باوجود پنهنجا احساس لوڪ تائين پهچائڻ سندس شاعريءَ سان وفاداري ۾ شمار ٿئي ٿو. اچو ته سندس خيال پڙهي ٿا وٺون.
سٽون: جانِ عالم سومرو               

غزل
اداسي چهرو ۽ پاڻي اکين ۾،
اٿئي ڪهڙي آخر ڪهاڻي اکين ۾،

ڪراڙو پيو سوچي پڙهائجي نه نياڻي،
متان پوي ئي ڌوڙ سڀاڻي اکين ۾،

ڪشش وارا محفل ۾ ماڻهو هئا ڪيئي،
ويس آئون هن کي سڃاڻي اکين ۾،

اڱڻ ۾ سُتل سونهن کي چنڊ تڪي پيو،
آهن ڇا ته جلوا ڳوٺاڻي اکين ۾،

ڇڏي تو ڏنا هن ڇو  سينگار سارا،
ڪجل ۽ نه سرمون ٿئي راڻي اکين ۾

ڪڏهن توکي ڏک ڪونه ڏيندو ”نياز“ پيارا،
اچي ويهه منهنجي نماڻي اکين ۾.
طرحي غزل
لکي نانءَ تنهنجو چمڻ دل گهري ٿي،
پرين ڀاڪرين ۾ سمهڻ دل گهري ٿي،
نمايان نرالي ڪچي جا ڪلي آ،
وڏي شوق مان سا سنگهڻ دل گهري ٿي،
صفا زور سردي ۾ جوڳين جا ٻالڪ،
ڪٽين رات ڪيئن ٿا پڇڻ دل گهري ٿي،
لَڪن تي لٿي ويل مورن جون ٻوليون،
سڄو ڏينهن منهنجي ٻڌڻ دل گهري ٿي،
اُڀيون پيار تي جت نه ٿيون آڱريون ٿين،
نگر ”نياز“ سوئي گهمڻ دل گهري ٿي.

غزل
سچ جو آ سرواڻ ڀٽائي،
ايئن سمجهو مهراڻ ڀٽائي،
لطيفي درس امن آشتيءَ جو،
محبت بُردباري آ پاڻ ڀٽائي،

سنڌو آ اسانجي واهه واهه ليڪن
منجهس ڦهلائي سرهاڻ ڀٽائي،
ربَ آهي هڪڙو، مُرسل محمد،
ڪئي وحدانيت جي واکاڻ ڀٽائي،
سنڌ جي امن کي لڳي وئي آ نظر،
محبتون ۽ ميلا آڻ ڀٽائي،
الف کان پوءِ ميم مڃيائين،
ڪڍيائين نه ڪفر جي ڪاڻ ڀٽائي.

غزل
اسين چين پنهنجو ڦٽائي رناسين،
خزانو خوشين جو لٽائي رناسين،
ملڻ جي اندر ۾ رکي آس پوءِ،
پرين تو وٽان موڪلائي رناسين،
ڏکن کي ڏني ڪنهن لڳي ٿو آ دعوت،
سکن کي هٿن سان وڃائي رناسين،
رکون روز ٿا پيا سٿي سور سيني،
سدا لڙڪ پنهنجا لڪائي رناسين،
اسان هينئن ڀانيو سري ويندي هن بن،

پر ”نياز” کان منهن مٽائي رناسين.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو