طرحي غزل
هوش سرهاروي
اکين جي تنهنجي جلون سان رهي آ دوستي اهڙي،
تڏهن آ خوبصورت ٿي پئي هي زندگي اهڙي،
اچي سرهاڻ تلسين جي غزل ڄڻ “شيام” جو آهين،
جفا ۾ ڪاٽ خنجر جي ادا ۾ سادگي اهڙي،
جفا ايتري جو جام اڌ ۾ ڇڏي ٿو ڏئين،
پيئڻ چاهين ته ساگر چٽ اکين ۾ تشنگي اهڙي،
حسين محبوب تون سنڌو مان عاشق تنهنجو،
ساگر جان هجي محبوب اهڙو جي ته ٿيندي عاشقي اهڙي،
سدائين تو سڪايوپر صفا ماري وڌو اڄ تو،
ڏئي وئين مون کي فرقت جي پڇاڙي سوکڙي اهڙي،
جبل جيڏي حياتي ڪيئن ڪٽبي تو سوا سهڻا،
ڀلا پنهنجن سان ٿيندي آ مٺا ڪا بي رخي اهڙي،
ڏسي ڪو “هوش” کي سڌري پڙهي ڪو شاعري مٽجي،
”نه پنهنجي زندگي اهڙي نه پنهنجي شاعري اهڙي”
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو