Monday 9 June 2014

ڪهاڻي ـ اسٽيشن (معصوم سوندرائي)

گهڻي وقت کان پوءِ ملي آهين....!!
ها! ايترا ڏينهن ايترو وقت ڪٿي هئين..!!
پنهنجي تلاش ۾...!
تون اڳوڻي ساڳي ناهين رهي....!
تون به ته بدلجي ويو آهين...!!
وقت ۽ حالتون هر ماڻهو کي بدلائي ٿيون ڇڏين...!
پوءِ اهو ڇو پڇيئي ته....! آئون ساڳي ناهيان...!
ڪيئن گذاريئي ايترو وقت...!
۽ تو....!
مون ته هر پل هر لمحو تنهنجي ياد ۽ انتظار ۾ گذاريو آهي...!
ڇا جي لاءِ....!
ڇو ته مون توسان محبت ڪئي هئي ۽ اڄ به اٿم...!
اها ڳالهه...! اڄ ٿو ٻڌائين...! ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ته تون منهنجو هميشه مخالف ٿي رهيو هئين...!
ها..! پر..؟
پر ڇا...؟ تنهنجي ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته..... مون کي توسان محبت....!!
ڪڏهن ملڻ جي ڪوشش به نه ڪيئي ڇو...!!
مون توکي ڏاڍو ڳوليو.... پر نه ملي سگهيس.!
۽ هاڻي..!
هاڻي مطلب...! تون ڪافي بدلجي ويو آهين نه...!
ڇا مطلب....؟
مطلب ته “تون اهو ناهين رهيو” ٿي سگهي.....! تو شادي ڪئي هجي ۽ تنهنجا ٻار به هجن ۽ توکي هاڻي انهن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي....!
پر مون ته اڃان تائين شادي ناهي ڪئي......!
اوهه..! پر ڇو...؟؟
انهي لاءِ مون صرف ۽ صرف توکي چاهيو آهي...!!
تڏهن ته ڪاليج ۾ منهنجي مخالفت ڪندو هئين....!!
پليز....! مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪري چڪو آهيان.....!
ها پر اهو ته ٻڌائي تون وڃين ڪاڏي  پئي.....؟؟
۽ تون...!! مان ته مٺي وڃي رهيو آهيان.....!
۽ هتي نوابشاهه ۾ ڇا ڪندو آهين....!
ڪجهه به نه...! هڪ اين جِي او ۾ ڪم ڪندو آهيان....!
ڪجهه به نه....! ۽ اين جي او ۾ ڪم....؟؟
عجيب جواب ڏنو اٿئي....!
۽ تون هتي ڪيئن....؟ ڪٿي...؟ هتي نوابشاهه ۾....!
ڇو ڀلا....؟؟ مان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ اچي سگهان ٿي، ڇا ان لاءِ به نه.....!

نه نه ....! منهنجو مطلب ته توهان نوابشاه ۾ ڇا ڪندا آهيو....!
مان ته ڪجه ڀي ناهيان ڪندي.....!
پوءِ..... پوءِ بس....!
پر هتي اسٽيشن تي ڇا لئه آئي آهين.....!
ڇا لئه.... ڇا لئه..... اسٽيشن تي بس روز ايندي آهيان...!
ڪجهه يادون سلهاڙيل آهن هن اسٽيشن سان...!
ها پر اهو ته ٻڌائي.......!
زاره.. منهنجو نالو زاره آهي... شايد اوهان کي وسري ويو آهي...!
مون کان ته ڪجهه به ناهي وسريو زاره....!
سڀ ڪجهه ياد آهي ڪامران...!
ها زاره سڀ ڪجهه.....!
ڪاليج ۾ ٿيندڙ هر بحث ۽ هر بار مونکي نظرانداز ڪرڻ....!  مون کي مڊل ڪلاس هئڻ جا طعنا....!  اهو سڀ توکي ياد آهي؟؟
پليز... زاره.! مون کي شرمنده نه ڪر.. ۽ گذريل ڳالهين کي مان دفن ڪري چڪو آهيان...!
تو دفن ڪيون آهن نه ڪامران....! مون ته نه...! مون کي اڄ نه تنهنجا اهي طنز ڀريا جملا ياد آهن..! جڏهن تو سڀن جي سامهون مونکي اهو چيو هو ته تون وڃي ڳوٺ جي گلين ۾ ڇيڻا ميڙ، توکي ڪهڙي خبر ته ڪاليج ۾ ڪيئن رهبو ۽ پڙهبو آهي...!!
ڪامران...!  تنهنجا اهي لفظ اڄ به منهنجي روح کي روئاڙين ٿا ۽ تون مون سان محبت جي دعويٰ ٿو ڪرين....!
ڪهڙي احساس جي ڳالهه ٿو ڪرين....!
ماڻهن جي ميڙ ۾ مونکي طعنا ڏئي ۽ تنهائيءَ ۾ پيار جو اظهار....!
واهه....!
اوهان مردن عورت کي آخر سمجهيو ڇا آهي....!
هٿ جي اشاري تي هلندڙ....! يا..... بس هڪ ڪمزور جسم رکندڙ...!
جڏهن مرضي تڏهن دل جي نفرت اڇلايو ۽ جڏهن مرضي تڏهن پيار جو اظهار،جان ڏيڻ جي دعويٰ....!
اهو سمجهان ته تون منهنجي پيار کي... همدردي يا ڏيکاءُ ٿو سمجهين تون ڪجهه به سمجهي سگهين ٿو ڇو ته تون مرد آهين....!
۽ جي عورت هجي ها ته شايد ايترا سوال نه ڪري ها....!
پر زاره...!
پر ڇا...؟ هتي اسٽيشن تي ڪنهن لاءِ ايندي آهين...؟
“هن لاءِ”! هو وري ڪير آهي....؟
آهي ڪو جنهن پهرين احساس جي اک ۾ ويهاريو ۽ پوءِ....!
۽ پوءِ... اهو ئي ٿيو.... جيڪو هڪ مرد ڪندو آهي...!
ڇا...! عورت کي غلام سمجهي “ان جي تذليل” ٻيو ڇا....! ته ان جو....
مطلب هن توسان دوکو ڪيو...!
مون ته ايئن ڪونه چيو....!
زاره! مون کي تنهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه ٿيون اچن....؟
پوءِ محبت جو اظهار ڇو ڪيئي....!
ان ڳالهه جو ان ڳالهه سان ڪهڙو مطلب....!؟
مطلب مطلب مطلب...!

اهو مطلب ئي آهي جيڪو سمجهه ۾ نه ٿو اچي....!
فرض ڪر ڪامران ته جي آئون چوان ته “منهنجي شادي ٿيل آهي” منهنجا ٻار به آهن.... پر انهن ٻارن جو پيءُ وڃائجي ويو آهي.
يا....! ته ڇا تون مونکي قبول ڪندين؟؟؟
زاره..! آئون جنهن سماج ۾ رهان ٿو ان سماج ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي شناخت ڏئي جيئڻو ٿو پوي....!
اگر ڳالهه فرض تائين محدود آهي ته مان اهوئي چوندس ته ايڏي وڏي فيصلي لاءِ سوچڻو پوندو....!
۽ جي حقيقت آ ته...!
تڏهن به سوچيندس...!
ها شايد آئون تنهنجي سماج جو حصو ناهيان...!!
خير.... عورت کي ته سوچڻ جو حق به ڪونهي..! هڪ ڍور  جيان بي جوڙ سان سلهاڙيو ٿو وڃي...!
مائٽن جي عزت جو قسم ڏئي پوتيءَ جي پلي ۾ ڀرم ٻڌي اهو ٿو چيو وڃي ته “ڇوڪري” ساهرن جي گهر ئي سونهي ٿي...!
ويچاري وائڙي.... وارياسي وجود کي گهليندي نه چاهيندي... هٿن تي مهندي ٿي هڻي ان نانءَ جي جنهن کي “ور” ڪوٺبو آهي پوءِ  اهو “ور“ هزارين ور ڏيئي ان کي بس “ماٺ ڪري گهر ۾ ويهي رهه” جهڙن لفظن سان آجيان ٿو ڪري....!
عورت ته ان ڏينهن مري وئي هئي جڏهن هن جي جسم کي بازار ۾ ننگو ڪري نچايو ويو...!
نچائڻ وارو ڪير هيو “مرد” نه......!
ڏس زاره..! مان واقعي بدلجي ويو آهيان ڪنهن کي بدلجڻ ۾ هڪ لمحو به ڪافي آهي ڇا مون کي بدلجڻ ۾ 6 سالن جو عرصو ڪافي ناهي...!
مان ڄاڻان ٿو ته آئون پرفيڪٽ ناهيان تون به پرفيڪٽ ناهين ، ڪير به پرفيڪٽ ناهي...! بس ڪجهه ماڻهو ٻين کان بهتر هوندا آهن ڪجهه بدتر.. تنهنجي نظرن ۾ آئون بهتر ناهيان، پنهنجي نظرن ۾ بدتر ناهيان ۽ تنهنجي ويجهو ڪلاس اهم ڪڏهن ٿيڻ لڳي..؟؟ تون ته چوندي هئين ته شرم ان ڳالهه تي اچڻ کپي جڏهن اوهان ڪنهن سان برو ڪيو، اوهان چور آهيو، ڪنهن کي تڪليف پهچايو، ڪنهن کي قتل ڪيو.. انهيءَ لاءِ نه ته اوهان غريب آهيو.. تنهنجي نزديڪ ته منهنجي ڪلاس عزت جي قابل به نه هئي....! پوءِ اڄ هي تبديل ڇو...!
“صرف منهنجي چوڻ سان ڇا ٿيندو...! عزت جي قابل ته صرف مرد ئي هوندا آهن نه...!
“ليڪن مان توسان محبت ڪيان ٿو...!”
هڪ پيدائشي فلرٽ جي منهن مان اها ڳالهه سٺي نه ٿي لڳي.”
اهڙين ڇوڪرين جو تعداد هزارن ۾ نه ته سون ۾ ضرور هوندو...!
جنهن کي توهان ايئن چيو هوندو...!
“ليڪن مان توسان سچي محبت ڪيان ٿو...!”
ڏس مان ڪا ٽِين ايجر ناهيان جنهن کي تون انهن ڳالهين سان ٻهگلائي سگهين...! ڇا هوندي آهي محبت ۽ بقول تنهنجي سچي محبت اسان جي معاشري ۽ مذهب ۾ ان جي گنجائش ڪٿي آهي...!
هڪ ڍونگ رچايو آهي توهان مردن...! ڇوڪرين کي فلرٽ ڪرڻ لاءِ، دوکو ڏيڻ لاءِ... مگر اهڙي قسم جي سچي محبت جي ته مون کي ضرورت آهي نه اهميت....!
مون تي انهيءَ لاءِ اعتراض اٿئي ته تون منهنجي ماضيءَ کان واقف آهين زاره...! پنهنجي مڙس تي انهيءَ لاءِ اعتراض نه هوندئي ته هن جي ماضي توکان پوشيده هوندي....!
اگر ڪڏهن هن جي خراب ماضيءَ جي باري ۾ ڄاڻي ورتئي ته ڇا....!
هن کي ڇڏي ڏينديين يا معاف ڪندين...!
پليز ڪامران...! ان موضوع تي اسان ڳالهائي چڪا آهيون...!
پر زاره..! آخر توکي مون تي اعتبار ڇو ناهي...!
اعتبار صرف توتي نه پر دنيا جي هر مرد تي ناهي رهيو.... زندگي اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جتي اعتبار ۽ واپسيءَ جا سڀ رستا بند ٿي ويا، ڪو هڪ درد هجي ته به اعتبار ڪري وٺجي...!
هتي ته سڀ جا سڀ.....!
ڪو مسيحا بڻجي دوکو ٿو ڏئي...! ته ڪو محبت جي دعويٰ ڪري دوکو ٿو ڏئي.. ته ڪو....!
تون ڄاڻين ٿو ڪامران ته هڪ عورت جي رت مان جهنڊا ٿا ٺاهيا وڃن ۽ عورت کي اگهاڙو ٿو ڪيو وڃي...!
عورت کي صرف ايستائين ئي محبت مڃيو ٿو وڃي ته هوءَ “ٽائيم پاس” آهي...! ۽ جڏهن ٽائم پورو ٿيو ان کي ان جي اصليت جا طعنا هڻي ڌڪيو ٿو وڃي....!
هڪ نياڻي کي “ست قرآن” سڏي پوءِ ان جي پيرن  هيٺان زمين تنگ ٿي ڪئي وڃي...! شڪ جي بنياد تي هن تي ڪارهپ جو الزام هڻي ڪُٺو ٿو وڃي...!
مردن جي هن معاشري ۾....! عورت ته....!
پر زاره..! مون ته توکي تسليم ڪيو آهي....! توسان محبت ڪئي آهي نه...!
تون جنهن کي محبت چئين ٿو سا محبت نه پر دوکو آهي....! جيڪو تون شايد ڪاليج وارن ڏينهن ۾ سوين ڇوڪرين سان ڪري چڪو آهين...! پر ياد رک ڪامران...! هڪ نه هڪ ڏينهن.....! هر عمل جو ردِ عمل هوندو آهي.....!
زمين تي بيهي آسمان تي اڏرڻ جون ڳالهيون ٿي ڪرين زاره....!
نه ڪامران نه...! زمين تي بيهي ڪري “اعتبار جو آسمان” ٽوڙڻ وارن جي ڳالهه ڪريان ٿي...! هڪ اهڙي نسل جي، جنهن تي “مرد” نالي جي ڇاپ لڳل آهي...!
۽ ڇا دوکو صرف مرد ڪندا آهن...؟؟ عورت ته...!
مون ڪڏهن چيو ته عورت بي قصور آهي...! مون ته توکي آئينو ٿي ڏيکاريو... ان محبت جي ڳالهه پئي ڪيم.... جنهن جو دعويدار تون آهين...! جيڪو ڪاليج وارن ڏينهن ۾ عورت جي آزاديءَ جي خلاف هيو...! عورت کي گهر تائين... ڳوٺ تائين محدود هئڻ جا طعنا ڏيندڙ.......! جيڪڏهن اڄ اهو چوي ته “محبت ۽ عورت مون لاءِ مقدس آهن” ته ان کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪجي....!
تون ايترو به ڀورو ناهين جو توکي ٻارن وانگي ڌُتاري سمجهائجي ته....!
تون هر ڳالهه کان واقف آهين....! رهيو به آهين ڇو ته تو جهڙا مرد سڄو ڏينهن....!
زاره..! آئون ته توکي هر مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان...! پوءِ هن بحث ۽ تضاد جو مطلب ڪهڙو... تون مون کي باربار طعنا ڇو ٿي ڏئين ته آئون ان نسل سان تعلق رکان ٿو... جنهن نسل کي “مرد” چيو ويندو آهي...!
ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوه ته مون کي توسان محبت ٿي وئي آهي ۽ ان ۾ منهننجو قصور ته آئون مردن جي نسل ۾ پيدا ٿيو آهيان...! ڇا مرد سڀ هڪ جهڙا آهن...! تو وٽ اها احساس جي اک ناهي زاره...! جنهن سان تون مڪمل ۽ ناممڪن جو فرق سمجهي سگهين.. هڪ مرد جي دوکي سان توکي سڄي دنيا جا مرد دوکي باز ڇو ٿا لڳن...! عورت جي عظمت جي ڳالهه ٿي ڪرين ۽ مرد جي مقام تي تنقيد ٿي ڪرين.! ٻڌاءِ ته ڪا عورت ڀلا مرد کانسواءِ به... مڪمل عورت رهي ها...!
۽ جنهن بنياد تي تون بحث ڪري رهي آهين ته هي مردن جو معاشرو آهي هتي عورت کي آزادي ناهي. عورت کي ڳالهائڻ جو حق ناهي... ته پوءِ هيتري وقت کانپوءِ....! هتي ڪنهن ٿي ڳالهايو ڇا اها عورت نه هئي...!
اگر معاشرو ئي مردن جو هجي ها ته تون ايئن ريلوي اسٽيشن تي.. منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڳالهائين ها...!
مون توکي پهرين به چيو هو ته “مڪمل مان به ناهيان ته مڪمل تون ته ناهين... مڪمل ڪير به نه آهي...!
اسان سڀ هڪ ٻي وٽ ڏوهاري آهيون...! اِن ڪمپليٽ آهيون سوين خامين جي باوجود.....! ڪنهن نه ڪنهن انسان ۾ هڪڙي ته خوبي هوندي نه..؟
پوءِ ان طرف ڇو نٿو نهاريو وڃي.... تصوير جي صرف هڪڙي رخ کي ٿو ڏٺو وڃي ۽ بس....!
غلطي جي نشاندهي ته هرڪو ٿو ڪري پر ان کي درست ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي....!!
“مرد....” مردن جو معاشرو....! طعنا، تنڪا...!!
بار بار اهو ٿو چيو وڃي ته اگر دنيا ۾ ڪا به برائي آهي ته ان جو بنياد مرد ئي آهي....!
تون  عورت کي مقدس ٿي سمجهين نه...!
اها به ته عورت هئي نه جيڪا مائٽن جي عزت کي مٽي ۾ ملائي پنهنجي ان چاهيندڙ سان ڀڄي وئي.. جنهن پوءِ هن کي “طوائف خاني” تائين محدود ڪري ڇڏيو. ڇا ان ۾ صرف مرد قصوروار هو؟؟ ڪير ڪنهن کي تسليم ناهي ڪندو زاره..! ان کي تسليم ڪرايو ويندو آهي ته آئون آهيان....!
تون هتي اسٽيشن تي بيهي شايد ان مرد جو انتظار ڪري رهين آهين. جيڪو شايد ڪنهن ٻي عورت جي وارن ۾ آڱريون ڦيري ان کي به ايئن ڇڏي ويندو جيئن توکي ڇڏيو اٿائين..!
اگر ايڏي ئي نفرت هئي مرد ذات سان ته پوءِ هن سان شادي ڇو ڪيئي ۽ اڄ تائين هن جو انتظار ڇو ٿي ڪرين....!
“اهو منهنجي زندگيءَ جو مسئلو آهي” جنهن ۾ توکي ڳالهائڻ جو ڪو به حق ڪونهي مان ڪنهن جو ٿي انتظار ڪيان ۽ ڪنهن لاءِ اسٽيشن تي اچان ٿي اهو پڇڻ جو حق نٿو رکين....!!
مڃيان ٿو ته منهنجو توتي ڪو حق ڪونهي پر سچائي آهي. جيڪا توکي تسليم ڪرڻي پوندي ته “مردن” سان ايڏي نفرت باوجود به تو هڪ مرد کي تسليم ڪيو آهي ۽ ان تسلميت ۾ تنهنجي هار آهي ته “عورت مرد کان سواءِ اڌوري آهي.....!!”
تون هزارين بهانن باوجود به ان ڳالهه کان انڪار نٿي ڪري سگهين ته عورت کي مقام ڏيندڙ، نانءُ ڏيندڙ هڪ مرد ئي آهي....!
منهنجو مقصد اهو قطعن ڪو نه هو ته تنهنجي دل آزاري ڪيان آئون ته هن اوچتي ملاقات ۾ توکي ڏسي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ آيو هئس... پر تنهنجي مرد ذات سان ايڏي نفرت ڏسي آئون تلخ ٿي ويس....!!
آئون غلط هئس... مون سمجهيو ته تون بدلجي وئي هوندينءَ...!! تون مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندينءَ....!!
پر اها منهنجي ڀل هئي زاره..!! تو محبتن ۾ سرحدن کي اهميت ڏني آ ۽ جتي محبت ۾ سرحدون هونديون آهن اتي محبت جو تصور به خواب لڳندو آهي......!!
تنهنجي اها به مهرباني جو تو مونکي ايترو ٽائيم ڏنو.....! مون کي سمجهي نه سگهيين....!
انهيءَ لاءِ تنهنجي مهرباني....! زندگيءَ ۾ ٻيهر ڪڏهن به موقعو مليو ته ڪوشش ڪندس ته آئون ساڳيو ڪامران ٿي توسان نه مِلان...!!
خدا حافظ....!!!!!  “........” منهنجي ٽرين اچي وئي.....!!
ڪامران...؟؟؟  چئو زاره....!! مونکي معاف ڪري ڇڏجان پليز....!
اهو تنهنجي ۽ منهنجي اختيار ۾ ڪٿي آهي.....!!
بس......!!! چاهيان اهو ٿو ته تنهنجي دل مان اها نفرت نڪري جيڪا نفرت مرد لاءِ آهي.....! پر اها نفرت ئي تنهنجي شناخت آهي.....!! ۽ ان کان سواءِ تون اڌوري آهين.....!!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو