Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (محبوب علي هوٿيپوٽو)

غزل
محبوب علي هوٿيپوٽو
تنهنجون يادون ساڻ سدائين،
ساهن ۾ سڪ ٽاڻ سدائين.
منهنجي چهري منجهه ڦري ٿو،
تنهنجو چهرو هاڻ سدائين،
جاني جيئن جهڙوڪا آهن،
پياسا تنهنجي ڪاڻ سدائين،
سائي سنڌ رهي شل ساري،
موجن ۾ مهراڻ سدائين،
منهنجو من محبوب چوي ٿو،
جوڀن جيڏا ساڻ سدائين

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو