Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (عليم سومرو)

غزل
عليم سومرو
چري جي چُمين ها پوان چاڪ ٿي،

گهاءَ دل جو چُميء جي چتيء جيترو هو،
مکڻ مان ڪڍي ڇڏيو تو وار وانگر،
سڄڻ ساٿ توسان صديءَ جيترو هو


تو پڙهڻ کان اڳيئي اجهائي ڇڏيون،
سٽن ۾ سُهائو بتيءَ جيترو هو،



ڪري سانجهه ديرو صبح ٿئي روانو،
پرين پيار تنهنجو پکيءَ جيترو هو،




جي اوڍڻ گهُرين ها ڍڪيندو رهان ها،
عليم تنهنجو تو لئه گنديءَ جيترو هو،

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو