غزل
وجئه شرما
سانجهيءَ ٽاڻي توکي ساري،
ويندو ڪوئي نيٺ گذاري،
سگريٽن جي به هير نه جنهن کي،
من کي سو ڪيئن ته ٺاري،
آڌيءَ ڌاري ڀٽ گڍيءَ تي،
ڪير آهي پيو ڏيئا ٻاري،
دل ۾ دوکا مرڪ لبن تي،
ماڻهو ڇا ڇا روپ ٿو ڌاري،
آءُ او مومل مينهن وريا هن،
ٿڪجي پيا هون پاڻ ڌتاري.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو