غزل
آصف زيب ملاح
اڙي دل اهو تو وري ڇا ڪيو آ،
صفا يار توبن نڌڻڪا
لڳون ٿا،
پتو هاڻ وڇڙي وڃڻ جو پيو آ،
پيو پار دل مان پتو پل پيو ڪو،
تڪي تير تن ۾ تو اهڙو هنيو آ،
نه مسجد ڪليسا نه مندر وڃان ٿو،
چمي پير تنهنجا مون سجدو ڪيو آ،
هي زندان اکڙيا هي مقتل به اجڙيا،
ڏسو ڪيئن باطل جو ڊينگهر ڊهيو آ،
لبن لاءِ لهوءَ جي هو لالي گهري ٿي،
ڏسو شوقِ جانان مگر مون مڃيو آ،
جنونِ قلب کي وري هن نه ڄاتو،
هڻي “زيب” پٿر چيائين چريو آ.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو