Monday, 9 June 2014

ڪوتانگر (خطائي ٿيٻو)

غزل
خطائي ٿيٻو
انوکي پار جا ڳوڙها،
اکين ۾ پيار جا ڳوڙها،

ٿين ٿا درد جا ڪانڌي،
فقط لوڪ پيار جا ڳوڙها،

دلين جا غم گهٽائن ٿا،
ڳڙيو اعتبار جا ڳوڙها،

جيئڻ جا حوصلا بخشين،
سڄڻ جي سار جا ڳوڙها،

يزيدي جي سوچ سان لڙندڙ،
حسيني ٻار جا ڳوڙها،

”خطائي“ دل ٿي ڳوڙها وئي،

اگهي سنسار جا ڳوڙها

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو