Monday 9 June 2014

ڪوتانگر (دولت سندر سيڏيائي)

غزل
دولت سندر سيڏيائي
ٿي گذري زندگي دربدر ڪيئن ڪجي،
هن سوا هي حياتي درگذر ڪيئن ڪجي،
سلڻ سور سندو ڪو ساٿي نه آ سنسار ۾،
واندڪائي م به ناهي ڪا وندر ڪيئن ڪجي،
هت رناسين رات ساري راهه گناهه رهبر لئه،
پر هن کي هن حقيقت جي ڪانهي خبر ڪيئن ڪجي،
هي گل آ گلشن ۾ گلبهار بنا غم زده،
ناهي چمن ۾ چهچٽو چارئي پهر ڪيئن ڪجي،
ڪا خبر ڏئي خير واري خيرسان خادم کلي،
ناهي ڪوئي همدم نه ڪوئي همسفر ڪيئن ڪجي،
ويو وقت وهي واري تي واهوندي جي واءَ جيان،

اڃا به اڪيلو آسرن ۾ ڀلا صبر ڪيئن ڪجي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو