غزل
امر کتري
ادائون به تنهنجون ڏسڻ دل گهري ٿي،
وفائون به تنهنجون پسڻ دل گهري ٿي،
ائين ڇو ٿا مون کان رهو دُور دلبر،
الائي ڇو توسان ملڻ دل گهري ٿي،
بنا توهي جيون مٺا ڪجهه به ناهي،
پرين توسان منهنجي رهڻ دل گهري ٿي،
ڇڏي ڏي مٺا تون جفائن ۾ ڇا هي؟
صنم توسان هردم کلڻ دل گهري ٿي،
“امر” تنهنجي دردن ۾ ڏاڍو مزو آ،
سدا سُور تنهنجا سهڻ دل گهري ٿي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو