Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (شهاب نهڙيو)

غزل
شهاب نهڙيو
هُن جو بدن بهارن جهڙو،
ڦلڙي چمڪو ستارن جهڙو،
بيرُخي سان دل بنجر بڻجي،
اچڻ هُن جو وسڪارن جهڙو،
دل تان گذري دردن جو ٿو،
قافلو، ڪونج قطارن جهڙو،
چنڊ گهٽا جو گهونگهٽ اوڍيو،
منظر زلفن ڪارن جهڙو،
عاشقي ۾ درد مليو جو،
سمجهيوسين سو قرارن جهڙو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو